کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو لڳ  ديھه 15 جمڙائو مان ستين ڪلاس جي شاگرد 13 ورهين جي ولي خان مري جو لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو،  جتان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن موجب ته ولي خان کي مرگهي جي بيماري هئي، کيس چڪر ايندا هئا، چڪر اچڻ ڪري هو پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.