کڏڙو (ن پ ا) گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو اڳوڻو استاد، ڊراما لکندڙ ۽ اداڪار سونو سحر وفات ڪري ويو. گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول کڏڙو جو سينئر رٽائرڊ ڊرائنگ ٽيچر ۽ ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکندڙ ۽ اداڪاري جا جلوه ڏيکاريندڙ سونو خان سحر ھنڱورو وفات ويو جنھن جي جنازي نماز راوتياڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، کيس راوتياڻي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.