کپرو (ن پ ا) کپرو شھر جي  ياسين گلي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر 8 ڏينهن نه  ٺاهڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، شهرين پاران ايس ڊي او واپڊا شهزاد جي گهر جو گهيراءُ ڪري سخت نعري بازي ڪئي، هڪ ڪلاڪ تائين شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو پر ايس ڊي او  ٻاهر نڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، ان موقعي تي متاثرن گلاب لوهاڻو، شهزاد، اقبال ملڪ، گلزار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  8 ڏينهن کان آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون،  ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي وڃي.