کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ وارنھه ۾ 24 ورهين جي پارو مل ولد ڀورو ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، علائقي واسين نوجوان جو لاش ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي نوجوان 4 ٻارن جو پيءُ هو، جڏهن ته آپگهات جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.