کپرو (ن پ ا) کپرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ساڏر ۾ راڄڙ، مڱڻھار، سهتا ڌرين جي ماڻھن جي 8 گهرن کي لڳل باهه جو ڪيس علي شير راڄڙ جي فرياد تي کپرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي جنهن ۾ شير محمد سولنگي، ممتاز، عثمان، پير بخش، شريف، علي احمد، وسايو، امير بخش سميت 17 ماڻھن کي شامل ڪيو ويو آهي، فريادي موجب ڄاڻايل ماڻھو حملو ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيو ن ڏنيون ته ڳوٺ خالي ڪري وڃو اهو چئي گهرن کي باهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 8 گهر سڙي ويا، جنهن ۾ لکين رپين جو سامان، هنڌ بسترا، کاڌي پيتي جو سامان سڙي ويو.