کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو ۾ حر جماعت جي ماڻھن جو احتجاج، نائب خليفي احمد راڄڙ خلاف دانهون، مخالفن کان وڏيون رقمون وٺي جماعت جي ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻائڻ ۽ بنا جواز هٿ بند ڪرائڻ جو الزام، 5 نياڻين جي شادي رڪيل، پيرپاڳاري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل، ان ڏس ۾ پير پاڳاري جي مريد محمد ادريس چانيهون چيو ته سندس زمين  جو مسئلو آھي، جيڪو فيصلو به ٿيل آھي پر ان تي عمل نٿو ڪرايو وڃي، هن چيو ته ان ۾ نائب خليفو احمد راٺڙ رڪاوٽ بڻيل آھي، هن الزام هنيو ته نائب خليفي مخالف سرور چانهيون وارن کان وڏي رقم وٺي نه رڳو هٿ بند ڪيو اٿس پر منهنجي زمين جي ماپ کي به روڪيو آهي، هن چيو ته درگاهه شريف، ڪاميٽي ميمبرن سميت سمورن آڏو شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌ ڻ وارو ناهي، کپرو کان ڪنگري هائوس ۽ درگاره شريف  جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون، هن چيو ته پير پاڳاري سان ملڻ به نٿا  ڏين، سمورو ماملو پئسن جو آھي، درگاهه شريف جي مريد  عيسيٰ راڄڙ  چيو ته خليفو احمد راڄڙ گذريل  19 سالن  کان مخالفن سان ملي ڪري اسان جا وقت بوقت هٿ بند ڪري اسان کي تنگ ڪري رهيو آھي، هن چيو ته پير پاڳاري سان ملڻ نٿو ڏئي، ڪنگري هائوس  جا منشي به ملڻ نٿا ڏين، خليفي ۽ نائب  پاڻ ۾ مليل آھن، اسان جي دانهن نه پير پاڳاري تائين پهچي ٿي ۽ نه ئي مسئلو حل ٿئي ٿو، مجبور ٿي ميڊيا آڏو آيا آهيون، هن چيو ته مرشد اسان سان انصاف ڪري اسان جو به  موقف  ٻڌي، 86 ورهين جي پيرسن محمد منڱريو ٻڌايو ته اڇڙي ٿر جي نائب خليفي احمد راڄڙ ۽ دعوتي خليفي سرور چانيهون وٽ منهنجي 15 ايڪڙ زمين  آھي، خليفو ٻين کان 12 لک وٺي مون کان زبرستي  زمين ڏيڻ لاءِ چئي رهيو آهي، زمين نه ڏيڻ تي هن هٿ بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري 5 نياڻين جون شاديون نٿو ڪرائي سگهان، هن چيو ته سمورن معززن وٽ ويس پر غريب جو ڪير به ناهي، چريو قرار ڏئي ڇڏيو اٿن، هن چيو ته ڇا چرين جو به هٿ بند ٿيندو آھي ڇا، هن چيو ته عدالت ۾ دعويٰ ڪندڙ لکي ڏئي ويا ته اسان جو واسطو ناهي پر خليفو احمد جان نٿو ڇڏي، مرشد کي ميڊيا ذريعي دانهن ڏيان ٿو، پير صاحب پاڳارو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرائي انصاف ڏياري، هوڏانهن پنهنجي اخبار پاران موقف وٺڻ لاءِ نائن خليفي احمد راڄڙ ران رابطو ڪيو ويو پر هن فون نه کنيو.