کپرو (ن پ ا) عرب راکن خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن کي کنڀڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، ايس ايس پي خيرپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ايس ايچ او سوراهه پيش، ٻڌڻي 9 سيپمٽبر تائين ملتوي، خبر موجب اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين جي راکن جي زيادتين  خلاف احتجاج ڪندڙ 40 علائقي واسين تي ناري تعلقي جي سوراهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته بعد ۾ کپرو ويجهو غلام نبي راڄڙ جي اوطاق تي کپرو، پيرونمل ۽ کاهي پوليس  ڪاهه ڪري 6 ماڻهو کنڀي کڻي وئي هئي، پوليس جي اهڙي چڙهائي خلاف فريادي محمد خان راڄڙ جي فرياد تي ايس ايس پي خيرپور سميت کپرو ۽ سانگهڙ جي 31 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڪالهه کپرو عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال پيش نه ٿيو، جڏهن ته ايس ايڇ او سوراهه منشا ڪلهوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، بعد ۾ عدالت ايس ايس پي خيرپور سميت سمورن اهلڪارن کي هر صورت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي، ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،