کپرو (ن پ ا) ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي پوليس ڳوٺ لونگ راڄڙ ۾  زميندارن عمر ۽ صالح راڄڙ جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 13 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل هارين ۾ ريشمان، سمجهو، رائيڌاڻ، سگهڙان ۽ ٻيا شامل آهن، هارين جي بازيابي لاءِ قادرو ڀيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، هارين موجب زميندار جبري پورهيو ڪرائيندا هئا، زميندارن جو چوڻ آهي ته هارين کان ڪو به جبري پورهيو نه پئي ورتو ويو ۽ نه وري ڪو خانگي جيل آهي، پوليس بازياب ڪرايل هارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کين پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.