کپرو (ن پ ا) کپرو ٽائون ڪاميٽي جي  5 وارڊن تي پ پ جي نامزد اميدوارن جا فارم رد، خبرموجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدر آباد داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کپرو ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن تي پ پ جي نامزد اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا، جن اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آهن انهن ۾ وارڊ 2 جو ضميرملڪ، وارڊ 5 جو محمد وسيم قائمخاني، وارڊ 6 جو ٻڌرمل، وارڊ 8 جو ديوان راءِ ۽ وارڊ 10 جو علي حيدر هنگورجو شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل اميدوارن جا فارم سندن وارڊن ۾ ووٽ داخل نه هئڻ تي رد ڪيا ويا آهن،