کپرو (ن پ ا) کپرو واهه ۽ سرهل شاخ تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ناراڪئنال واٽر بورڊ ايريا عبدالواسع شيخ ڇاپا هڻي  غير قانوني طور لڳل 29 پائيپ پڪڙي ورتا، مانيٽرنگ آفيسر چيو ته کپرو واهه ۽ سرهل شاخ جي آبادگارن ڊائريڪٽر کي پاڻي چوري جون شڪايتون ڪيون هيون، جنهن بعد سندس هدايت تي ڪاروائي ڪئي وئي، هن چيو ته اسان جو اصل مقصد ٽيل تائين پاڻي پهچائڻ آهي، جيڪي به زميندار ۽ آبادگار پاڻي چوري ۾ ملوث هوندا انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،