کپرو (ن پ ا) کپرو کان 30ڪلو ميٽر پري ٿڌو مشين اسٽاپ ويجهو ٻيلي کاتي جي قبضن کان خالي زمين مان 40 ورهين جي اڻ سڄاتل کدڙي فقير جو لاش هٿ آيو. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي کپرو پوليس پهچي فوتي جو مڙهه کڻائي ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال آندو. جتي کدڙي فقير جو معائنو ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب فوتي جي ڪن مان رت ۽ منهن تي به زخم جا نشان آهن. هن اهم جزا ڪيميڪل رپورٽ لاءِ ڪڍي ورتا آھن جيڪي ڪراچي موڪلبا. رپورٽ اچڻ بعد موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو. ٻئي طرف ايس ايچ او کپرو منور راڄپر موجب فوتي جي مڙهه جي پاسي ۾ هڪ بوتل پيل هئي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته نشي جو عادي هو پوليس موجب هن جي خيسي مان 25 هزار به مليا آھن. کپرو پوليس لاش کڻائي امانت طور جنگ شاهه بابا ۾ دفن ڪري ڇڏيو. علائقي واسين موجب ته فقير کي ببلي فقير نالي سڏيو ويندو هو جيڪو پڇا ڪرڻ تي ۽ هو سيوهڻ شريف جو رهاڪو ٻڌائيندو هو.




























