کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ اسحاق فقير راڄڙ ديهه راڙ جي رهواسي پورهيت حبيب الله ڪنڀر جو 15 ورهين جو پٽ گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو ۾ نائين ڪلاس پڙھندڙ ظفر اقبال ڪنڀر گذريل ڏيڍ سال کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، جنهن سبب بستري تي بي يارو مددگار پيل آهي سندس پورهيت پيءُ حبيب الله موجب هو کير کپائي 3 کان 5 سو رپيا ڪمائي ٿو جنهن سندس گهر به مشڪل سان هلي ٿو، ٻيو وري سندس پٽ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي جنهن جو علاج ڪرائڻ مشڪل ٿي ويو آھي، ظفر اقبال جي وارثن سرندي وارن ۽ هتان جي ايم اين اي، ايم پي اي سميت ٻين چونڊيل نمائندن ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کان واهر جي اپيل ڪئي.