کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ باهه لڳڻ سبب ڪولهي برادري جي 3 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڀٽ ڀائٽي جي ڳوٺ  مٿوڻ ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيت وشنو ڪولهي، ڏونگرو ڪولهي ۽ بيواهه شريمتي حليو ڪولهي جا گهر سڙي ويا، متاثرن موجب سردي کان بچاءَ لاءِ ٻاريل باهه جي چڻنگ مان گهرن کي باهه لڳي وئي، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.