کپرو/شهدادپور (نمائندن وٽان) کاھي پوليس پاران شھدادپور واسي نوجوان هاف فراءِ، مقابلي جي دعويٰ، هفتو اڳ ڦر الزام هيٺ گرفتار ڪيل 3 جوابدار مختلف ٿاڻن تي هاف فراءِ ڪيا ويا، پوليس طرفان مقابلن جي دعويٰ، ان ڏس ۾ کاهي پوليس موجب گذريل رات دير سان يونين اسٽاپ ڀرسان ڀتر رستي تي ڏوهه جي ارادي سان 2 ڄڻا بيٺل  هئا، جن پوليس کي ڏسي موٽر سائيڪل تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار سجاد رند کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو، پوليس زخمي جوابدار کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال کپرو آندو، جتي زخمي جوابدار سجاد رند ٻڌايو ته کيس 10 ڏينهن اڳ سرهاري  پوليس گرفتار ڪيو، جنهن شھداد پور پوليس حوالي ڪيو، هن ٻڌايو ته شھدادپور پوليس سندس ساٿي اقبال رند کي هاف فراءِ ڪيو، جڏهن ته مون کي ۽ شبير رند کي ٽنڊو آدم پوليس  حوالي ڪيو ويو، جتي شبير کي هاف فراءِ ڪيو ويو ۽ مون کي وري ٽنڊو آدم پوليس کپرو پوليس حوالي ڪيو، جتي کپرو پوليس هاف فراءِ نه ڪيو ۽ کاهي پوليس حوالي ڪيو، جنهن مون کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري مقابلي جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي، ذريعن موجب هاف فراءِ ڪيل جوابدارن کي 23 جنوري تي سرهاري ڀرسان ڳوٺاڻي اسلم مگسي کان ڦر الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جن کي شھدادپور آڻڻ بعد مختلف ٿاڻن تي کڻي هاف فراءِ ڪري مقابلا ڄاڻايا ويا، ياد هجي ٽنهي ڄڻن جي گرفتاري کان پوءِ سندن وارثن بازيابي لاءِ سيشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ حبس بيجا ۾ رکڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ريحان عبدالهادي ميمڻ لُنڊو ٿاڻي تي ڇاپو پڻ هنيو هو پر بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.