کير جون نيون قيمتون مقرر ٿيڻ باوجود معاملو نه نبريو: ڪمشنر ذاتي حيثيت ۾ طلب

0
1980
ڪراچي ۾ اوچتو کير 10رپيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ کير جون نيون قيمتون مقرر ٿيڻ باوجود معاملو نه نبريو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالهه کير جون قيمتون مقرر ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪمشنر اقبال ميمڻ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو،  جڏهن ته کانئس قيمتن جو تعين  جو طريقيڪار به طلب ڪيو ويو، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي وضاحت به گھري وئي

عدالت ريمارڪس ڏنا ته 14 سالن کان ڪيس التويٰ جو شڪار آهي، اڄ تائين کير جي قيمتن لاءِ ڪو مڪينزم ڇو نه ٺاهيو ويو؟ عدالت ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪمشنر ڪراچي طرفان عدالت ۾ رپورٽ ۽ کير جون قيمتون مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به پيش ڪيو ويو. درخواستگذار جي وڪيل 120 رپيا في لٽر قيمت مقرر ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪيا. وڪيل موجب مشاورت ڪرڻ بنا  کير جون قيمتون مقرر ڪيون ويون،