کيبر (ن پ ا) کيبر شھر ۾ جنرل پرويز مشرف دور ۾ عوام جي سھولت لاء ٺاھيل ٻنھي روڊن تان ڪراس لاء ٺاھيل فلائي اوور چئن سالن کان ناڪارا بڻيل آهي، جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. مشرف دور ۾ ٺاھيل فلائي اوور نيشنل ھائي وي ڊپارٽمنٽ وارا فيڪٽرين جي ھيوي مشينن جي سپلائي وارين گاڏين کي ڪراس ڪرائيندا ھئا جنھن سبب مٿئين روڊ جي پل کي ويلڊنگ پلان سان کولي ھيٺ رکي ھيوي گاڏين کي ڪراس ڪرائي بعد ۾ پل کي ويلڊنگ سان مرمت ڪئي ويندي ھئي، گذريل ٽن سالن کان فلائي اوور کي ڪٽي جيئن ھيٺ رکيو ويو آھي ته وري ان کي نه ٺاهيو ويو، فلائي اوور عوام جي آمد رفت کان ڪاسر آھي. ياد رھي ته شھر جي وچ بازار کان شھر جي ٻئي طرف ڪراس ڪرڻ لاء عوام لاء وڏي سھولت بڻيل ھئي جيڪا ھاڻ موالين جي آماجدھ گاھ بڻيل آھي  جيڪي ھاڻ روز ٿورو ٿورو ڪري پل جي لوهه کي ڪٽي وڪرو ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف اوور فلائي نه ھجڻ ڪري اڪثر عوام روڊ ڪراس ڪن ٿا جنھن ڪري روز حدثا معمول بڻيل آھي ھتان جي عوام چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي آهي ته جلد فلائي اوور جي مرمت ڪرائي وڃي.