کورواھ (ن پ ا) کورواھ ويجهو ديھه آمڙڪي جي ڳوٺ چنيسر لنڊ جي رهواسين  لکاڏنو لنڊ اسماعيل لنڊ ۽ ٻين جو بااثر شخص ۽ سندن گهرن تي پوليس چڙھائي توڙي مٿن ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ لڏي وڃڻ جي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. لکاڏنو لنڊ  اسماعيل لنڊ ۽ ٻين دانهيو ته اسان هن ڳوٺ ۾ قديم زماني کان ويٺل آھيون ڳوٺ جون سندون به اسان کي مليل آھن. هنن الزام  هنيو ته اسان کي ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ لاء خادم ۽ حنيف لنڊ پاران اسان تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن اسان پورهيت ماڻھو آھيون درياء تي مڇي جو شڪار جي مزدوري ڪندا آھيون مظاهرين وسوارن کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.