کورواھ (ن پ ا) کورواھ ۾ ٽماٽو لهڻ شروع، واپارين خريداري لاءِ منڊيون لڳائي ڇڏيون، اگهه گهٽ هجڻ ڪري آبادگار پريشان، ان ڏس ۾ آبادگارن نورخان مري سليم راهمون خان ملاح ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته کورواھ ۽ ڀرپاسي ۾ ٽماٽو لهڻ شروع ٿي ويو آهي، واپارين  منڊيون لڳايون آهن پر ريٽ گهٽ هجڻ ڪري پريشان ٿي ويا آهيون، هتي آبادگارن کان في ڪٽي 400 کان 500 رپيا ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ 15 ڪلو وزن هجي ٿو، هنن چيو  زمينن تي تي کيڙين ۽ دوائن جا وڏا خرچا ٿيل آهن، نقصان کان بچايو وڃي.