کورواھ (ن پ ا) کورواهه ۾ پئيڻ جو پاڻي گدلو هجڻ ڪري ڪاري سائي جي بيماري ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ 3 مريض ڪاري سائي ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن کان پوءِ تعداد وڌي 9 ٿي ويو آهي. ڪاري سائي ۾ ورتل مريضن ۾ گهريلو عورتن جو وڏو انگ شامل آهي. صحت مرڪز کورواھ جي ملازم رمضان راهو پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل پندرهن ڏينهن دوران وڌيڪ 3 ڪيس پازيٽو آيا آهن جنهن کانپوء ڏيڍ مهيني دوران سائي ۾ ورتل مريضن جو تعداد وڌي 9 ٿي ويو آهي هن چيو ته مريضن جي ويڪسئين هلندڙ آهي ان سلسلي ۾ شهرين قاضي ڪنڀار دانش ميمڻ ضمير پهنور پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ پئيڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري بيماريون پکيڙجي رهيون آهن جنهن سبب شهري اسپتالن جي چڪرن ۾ دربدر ٿي ويا آهن هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ فلٽر پلانٽ لڳائي شهرين کان صاف پاڻي فراهم ڪري کين بيمارين کان بچايو وڃي.