کورواهه (ن پ ا) کورواھ کان کورواھ چوڪ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي پٿرن جو ڍير بڻجي ويو آهي. 3 سال اڳ تعمير ٿيل روڊ ۾ مبينا ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آهن. سفر ڪندڙ سخت پريشان سفر ڪندڙ مسافرن اقبال نورنگزاده اسلم رند ابو خاصخيلي ۽ ٻين پهنجي اخبار آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان هي روڊ تباھ هو جيڪو ڪيترن ئي احتجاجن بعد تعمير ٿيو جنهن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري روڊ ٽن سالن کان پوء ٻيهر ٽٽي تباھ ٿي ويو آهي. روڊ ٻيهر تعمير ڪرائي ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.