کورواھ(ن پ ا) کورواهه  ويجهو ڳوٺ سانوڻ لنڊ ۾ پاڻي جي تلاء مان 35 سالن جي نوجوان کٽو پٽ مٺو لنڊ جو لاش ھٿ آيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي شاھ ڪريم پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ ورتو، پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال بلڙي شاھ ڪريم کڻائي وئي وارٽن جو چوڻ آهي ته اسانجي ڪنهن سان دشمني نه آهي شفاف جانچ جي گهر ڪريون ٿا ٻي طرف اطلاع آهن ته نوجوان  کٽو چوپائي مال جو ڌنار هو جنهن جو رات دير سان ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي تلاھ مان لاش مليو آهي.