جيڪب آباد/گمبٽ/کهڙا (رپورٽ: عبدالغني کوسو/ حفيظ منگي/ لياقت چنو) جيڪب آباد جي ڳوٺ آدم خان پنھور ۾ ميان ڏنو اڄڻ ۽ عطا حسين ڪليري جي ڌرين  ۾ 30 ورهين کان هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو منظور پنهور جي سرپئنچي ۾ ٿيو.اڄڻ ڌر پاران ايم پي اي معظم عباسي، ايم پي اي نعيم کرل ۽ ڪليري ڌر پاران بچل شاهه، سخي صوبدار جتوئي مشير طور پيش ٿيا. ٻنهي ڌرين جا وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا،سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون.،ميان ڏنو اڄڻ ڌر مٿان يار محمد ڪليري ۽ آدم ڪليري جا 2 خون ثابت ٿيا، جڏهن ته عطا حسين ڪليري ڌر تي اشرف ۽ شهزادو اڄڻ جا خون ثابت ٿيڻ کان پوءِ سرپئنچ مشيرن سان بند ڪمري ۾ صلاح مشوري کانپوءِ فتويٰ ٻڌائي، فتويٰ موجب في خون بها 20 لک مقرر ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 80 لک  ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي، جڏهن ته اڄڻ ڌر جي 3 ڄڻن ۽ ڪليري ڌر جي 2 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا مقامي چڱا مڙس زخمين جي حالت ڏسي ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو فتويٰ ٻڌائيندا، فيصلي مطابق زخمين جي 3 کان 10 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، زخمين جي صورتحال ڏسي پوءِ فتويٰ ٻڌايو ويندو، جڏهن ته 2017 ۾ قتل ٿيل حبيب الرحمٰن ڪليري جي قتل بابت اُڄڻ ڌر پاران لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي جنهن بابت اُڄڻ ڌر ساک ذريعي چڱي مڙسن کي صفائي پيش ڪندي ۽ فيصلي جي اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي، ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.