کهڙا (رپورٽ: لياقت چنا) کهڙا ڀرسان سم نالي ۽ ڪليري شاخ جا ڪٽ بند نه ٿيا، شهر ۾ پاڻي ڇوڙ جاري، روڊن رستن بعد گهرن ۽ دڪانن ۾ پاڻي داخل، شهرين جي بار بار احتجاجن باوجود حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا معاملي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، کهڙا شهر ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو، شهري سخت پريشان. رپورٽ موجب کهڙا ٻاھران سم نالي ۽ ڪليري شاخ جا ڪٽ بند نه ٿيڻ سبب گذريل 20 ڏينهن کان کهڙا ۾ پاڻي ڇوڙ جاري آهي. رهواسين موجب سم نالي ۽ ڪليري شاخ جا ڪٽ بند نه ٿيڻ سبب بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي وهندڙ پاڻي ريڍر لاشاري، ڦوڙي ناريجو، لڙهي اڄڻ، ڳوٺ کاهه، هچاري بڙدي، ڳوٺ پنجل اڄڻ ،پنجل ڪلهوڙو، بهاول الدين آرائين، کبڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙڻ کان پوءِ کهڙا ۾ شهر داخل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري غريب آباد، ڀٽائي ڪالوني، موسن شاهه ڪالوني، صابر ڪالوني، فقير پاڙو، نيو فقير پاڙو، گمبٽ- کهڙا روڊ ،کهڙا- ڊرٻ ميهر شاهه روڊ، باب مصطفيٰ کان سبزي مارڪيٽ تائين گرلز ڊگري ڪاليج، بيسڪ هيلٿ سينٽر، کهڙا پوليس ٿاڻو ۽ ٽائون ڪاميٽي آفيس جي آسپاس اڪثر علائقن ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي. هوڏانهن شهرين جي مسلسل احتجاج باوجود حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا معاملي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شهرين جي پريشانيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. سياسي سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سم نالي ۽ ڪليري شاخ جا ڪٽ بند ڪري شهر کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي.