کهڙا (ن پ ا) کهڙا- گمبٽ روڊ تي صحافي نسيم سيال جي ڪٻاڙ جي دڪان ۽ ڀانڊي کي باهه لڳي وئي، نتيجي  ۾ سوين مڻ پاٺو، پلاسٽڪ، لوهه ۽ ٻيو ڪٻاڙ جو سامان سڙي ويو. واپاري نسيم سيال رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪٻاڙ جي دڪان ۽ ڀانڊي ۾ پيل هزارين  مڻ پاٺو، پلاسٽڪ، لوهه وغيره سڙي ويو آهي. ڪٻاڙ جي سڙيل سامان جي ماليت 20 کان 25 لک کن ٿيندي. باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. باهه واقعي جي اڌ ڪلاڪ بعد ٽائون ڪاميٽي کهڙا ۽ ميونسپل گمبٽ جي فائر برگيڊ عملي ۽ شهري باهه تي ضابطو آندو.