کهڙا (ن پ ا) کهڙا ۾ صوفي بزرگ پير موسن شاهه بخاري جو ميلو پوليس بند ڪرائي ڇڏيو. پوليس ميلو گهمڻ آيل ماڻھن کي لٺين ذريعي ڊوڙائي ڀڄائي ڇڏيو، جڏهن ته ميلي ۾ مٺائي، رانديڪن جا دڪان هڻي ويٺل 7 دڪاندارن راجا جاگيراڻي، پرويز جاگيراڻي، طارق مري، رحمت الله مري، بابر مري، علي نواز ڀٽي ۽ اسد کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي. گرفتار ٿيل دڪاندارن سميت 20 ڄڻن مٿان سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. دڪاندارن هادي بخش ڀٽي، سليم ڀٽي، امدا علي جو چوڻ ھو ته پوليس اسان کان ميلو هڻڻ لاءِ پئسا به ورتا هئا.هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور ميلو لڳرائڻ تي انچارج ڊي آءِ بي خيرپور عبدالباسط پنهور ۽ ايس ايچ او کهڙا علي اڪبر عالماڻي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس پي هيڊ ڪوارٽر نوشيروان چانڊيو کي انڪوائري ڪري 2 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.