کهڙا ويجهو گونگي همراهه جو اوطاق مان لاش هٿ، قتل جو شڪ

0
161

کهڙا (ن پ ا) نصرپور ويجهو ڳوٺ فضل ٽالپر ۾ 35 سالن جو علي بخش ٽالپر جو اوطاق مان لاش هٿ آيو آهي، جنھن جي وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪندين نصرپور پوليس کي اطلاع ڏنو،پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالھيار منتقل ڪيو، جڏھن فوتي جي ڀاءُ جو چوڻ آھي ته منھنجو ڀاءُ گونگو ھو ۽ خادم ٽالپر وٽ ڪمائيندو هو ۽ هن جي اوطاق تي رھندو ھو، اسان کي شڪ آھي ته ان کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس وارثن جي شڪ ظاھر ڪرڻ کانپوءِ اوطاق جي ڌڻي خادم حسين ٽالپر کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد واثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب اسان وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.