کهڙا/ رپڙي (نمائندن وٽان) کهڙا ويجهو ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ نوجوان بک ۽ بدحاليءَ کان تنگ ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب کهڙا ويجھو ڳوٺ ريڊر لاشاري ۾ 18 سالن جي شرجيل لاشاريءَ ڳوٺ ڀرسان ڪونو جي وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. انتهائي قدم کڻندڙ نوجوان شرجيل جي والد نظام الدين ٻڌايو ته آئون ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي پيل آھيان، شرجيل وڏو پٽ ھو، مزدوري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو ۽ منهنجو علاج ڪرائيندو هو. ڪجھه ڏينھن کان مزدوري نه ملڻ سبب پريشان ھو. گذريل ڏينهن هن انتھائي قدم کڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. واقعي بعد کھڙا پوليس نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. نوجوان جي امڙ لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندي رھي.