کهڙا (ن پ ا) کهڙا ويجهو ڳوٺ هچاري بڙدي واسڻ عورت جو لاش برسات ۽ سم نالي جي پاڻي جهاڳي درگاھ شهيد بادشاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، ٽن مھينن کان ڳوٺن ۽ قبرستانن ۾ برسات ۽ سم نالي جو بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ انتظاميا ڪوبه اپاءُ نه ورتو. خبر موجب کهڙا ويجهو ڳوٺ هچاري بڙدي واسي لعل بخش بڙديءَ جي گهر واري گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي، عورت جو لاش رستو نه هجڻ، برسات ۽ سم نالي مان آيل پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڪلهن تي کڻي پاڻي جهاڳي درگاھ شهيد بادشاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. ڳوٺاڻن لعل بخش بڙدي، شاهنواز بڙدي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽن مھينن کان ڳوٺ طرف ۽ قبرستانن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي. انتظاميا پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪوبه اپاءَ نه پئي وٺي. ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گهرن ۽ رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.