گمبٽ/کهڙا (نمائندن وٽان) 2 ڏينهن اڳ گمبٽ پريس ڪلب اڳيان کهڙا جي ايس ايڇ او ۽ بااثر خلاف دانهيندڙ کهڙا جي خلجي پاڙي جي رهواسڻ بائيڪ رائيڊر ناري تهمينا خلجيءَ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس لڄ لٽڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايچ او کهڙا ۽ بااثر ميڊيا ۾ دانهڻ تي ڏمرجي پيا آهن، جوابدارن خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، گهر ۾ پٿر اڇلائي پريشان ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پيءُ ماءُ فوت ٿي ويا آهن، کهڙا ۾ پنهنجي جڳهه آهي بااثر ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا ته جڳهه وڪرو ڪري هتان هليا وڃو، ناري تهمينه ٻڌايو ته ايس ايس پي خيرپور انصاف نه ڪيو ته پاڻ کي ماري ڇڏينديس، جنهن جي ذميوار سرڪار ۽ انتظاميه هوندي. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي تهمينا خلجي واري معاملي جو نوٽيس وٺي خيرپور پوليس جي انڪوائري رد ڪندي اي آءِ جي ڪمپلين سيل جي انچارج انسپيڪٽر غلام علي جماڻي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ 48 ڪلاڪن اندر مامري جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.