ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي ۾ کنڊ 125 رپيا ڪلو تي پهچي وئي: اگهه ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان، ان ڏس ۾ ڪراچي جي بازارن ۾ کنڊ 125 رپيا ڪلو ٿي تي پهچي وئي، رمضان  جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ کان وٺي کند جي اگهه ۾ 25 رپيا في ڪلو واڌارو ٿيو آهي، دڪاندارن موجب ڪمند جي پيداوارگهٽ لهڻ ۽ شگر ملز پاران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ  سبب کنڊ جي اگهه ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هنن امڪان ڏيکاريو ته کنڊ جو اگهه 150 رپين تائين پهچي سگهي ٿو