کنڊ ۽ ڪڻڪ جي بحران جو خطرو

0
171
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

زرعي سڏجندڙ ملڪ ۾ جڏهن وقت تي فصلن کي امدادي اگهه نه ملي يا وري انهن جي سرڪاري سطح تي سهائتا نه ٿئي ته انهن جو به بحران پيدا ٿي پوندو آهي جيڪي ڪڏهن وافر مقدار ۾ موجود هوندا هئا ۽ اهي ايڪسپورٽ ڪري ملڪي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهندا هئا. اها اسان جي بدقسمتي رهي آهي ته زرعي ملڪ هوندي ڪڏهن به اسان جي حڪومتي پاليسين ۾ زراعت اوليت نه رهي آهي، سدائين ان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته اها زراعت ئي آهي جيڪا معيشت جي پيڙهه آهي ۽ ملڪ کي اناج جي بحران کان بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي ته ايڪسپورٽ وسيلي ان مان پرڏيهي ناڻو به ڪمائبو آهي پر اسان جي حڪمرانن جي ڪمزور پاليسين سبب ايڪسپورٽ ته ٺهيو ملڪ جي ماڻهن جي پورت جيتري به انهن فصلن مان اپت نه ٿي ٿئي جنهن ڪري اهي شيون ٻاهران گهرائي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ  ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري سدائين مٽا سٽا واري ناڻي جاذخيرا گهٽبا رهندا آهن.هن وقت به ذري گهٽ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي اهڙي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي جو اهي ٻاهران گهرائي ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون  ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو قدرتي آفت سبب نه پر حڪومت جي ناقص پاليسين ۽ هم آهنگي نه هجڻ ڪري آهي جنهن ڪري زرعي ملڪ ۾ به زرعي شين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه چار هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ تي وفاق اعتراض ڪيوآهي ته انهي سان گڏ ملڪ ۾ کنڊ جي مقدار جي موجودگي جي شگرملز وارن جي دعويٰ کي به رد ڪري ڇڏيوآهي،جڏهن ته ملڪ ۽ خاص ڪري برساتي ٻوڏ سبب هيل انهي پئماني تي ڪڻڪ پوکجي به نه سگهي آهي تنهن ڪري اهو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻئي ٻاهريان گهرائڻيون پونديون جنهن سان اهي عوام کي مهانگي اگهه تي ملندا ٻيو ته ملڪ جي ناڻي جا ذخيرا جيڪي اڳ ئي خراب حالت ۾ آهن انهن تي به بار پوندو.  زراعت بابت خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپين جو اعلان ڪيو آهي، اعلان کان پهريان سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، سنڌ حڪومت سان ڪڻڪ جي امدادي قيمت بابت ڳالهيون ٿيون آهن، سنڌ ڪابينا کي امدادي قيمت تي نظر ثاني جي تجويز ڏني آهي، هوڏانهن حڪومت ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن ۾ ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار  ٿي ويون آهن، حڪومت شگر ملز پاران کنڊ جو گهڻو مقدار موجود هجڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي. فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو آهي ته شگر ملز ايسوسيئيشن اسٽاڪ جي مجموعي صورتحال کان آگاهه نه ڪيو آهي، سنڌ ۾ ڪمند جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي، هن چيو ته جيستائين اسٽاڪ جي صورتحال واضح نه ڪئي ويندي  کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، ايئن نه ٿئي جو ڪمند جي پيداوار گهٽ ٿئي ۽ اسان کي کنڊ امپورٽ ڪرڻي پئجي وڃي.هڪ طرف ڪڻڪ جي پوکائي جي سيزن ذري گهٽ ختم ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف اڃا تائين ڪمند جو اگهه ئي مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن سان شگرملن کي ڪمند جي سپلائي ٿئي ۽ ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ آبادگارن کي زمين خالي ملي، جنهن مان لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ڪڻڪ ۽ کنڊ جو وڏو بحران ايندو.

اسان سمجهون ٿا ته اهو ڪو اوچتو آيل مسئلو ناهي جو جڏهن ڪمند تيار بيٺو هجي ۽ شگرملن جي پيڙائي جو وقت اچي چڪو هجي پوءِ به سرڪار ڪمند جو اگهه مقرر نه ڪري سگهي جنهن سان نه رڳو آبادگارن پر ملڪي معيشت کي به نقصان پهچي ٿو ته گڏوگڏ عوام کي به مهانگي اگهه تي کنڊ خريد ڪرڻي پوي ٿي. جيڪڏهن ڪڻڪ جو به مقرر هدف پوکجي نه ٿي سگهيو ته خوراڪ جو به بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اهي مسئلا طئي ڪري ملڪ، عوام ۽ آبادگارن کي بحران کان بچائين.