لاهور(ويب ڊيسڪ) حڪومت کنڊ جو ايڪس پرائيز ملز 80 رُپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏيو، احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ايوب خان جي دور کان کنڊ جو بحران هلي رهيو آهي، کنڊ جو هٿرادو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لازمي هو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ جي ايڪس پرائيس ملز مقرر ڪئي وئي، کنڊ جو نئون اگهه حڪومت نه پر شگر ملز جي ڊيٽا تحت مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ شگر ملز کي 15سيڪڙو نفعو ڏنو ويو آهي.