ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي سنڌ جي 27 شگر ملز کان اربين رپين جي کنڊ خريد ڪري هٿرادو طور مهانگو ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل پيءُ پٽ محمد جليل ۽ محمد بلال خلاف عبوري چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل چالان ۾ چيو ويو آهي ته شگر مافيا سٽي باز مل مالڪن سان ملي هڪ سئو 10 ارب رپيا ڪمايا، شگر مافيا سٽي بازن ڪراچي ۾ 16 واٽس ايپ گروپ ٺاهيا هئا ۽ دوکيبازي سان کنڊ جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيا هئا. چالان ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شگر مافيا پنهنجي فرنٽ مينز ۽ ايجنٽن ذريعي کنڊ جي ايڪس مل قيمت ۾ تيزي سان اضافو ڪيو. جوابدارن کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام سان 110 ارب رپين جو فراڊ ڪيو جڏهن ته شگر مافيا ڪراچي مان 23 سٽي باز پنجاب جي سٽي بازن سان رابطي ۾ هئا ۽ انهن گڏجي کنڊ جي قيمت تي سٽو کيڏيو. چالان ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن کنڊ جو مصنوعي ڊمانڊ اينڊ سپلاءِ پيدا ڪيو. شگر مافيا ملز مالڪن کي کنڊ جي قيمت ادار ڪرڻ باوجود مال مل جي گودام مان ٻاهر نه آڻيندا هئا جڏهن ته شگر مافيا ۾ ايجنٽن ۽ سٽي بازن سان شگر ملز مالڪ به ملوث آهن ۽ جوابدارن جي مختلف بئنڪن مان ڊيٽا پڻ گڏ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جوابدارن جي استعمال هيٺ اليڪٽرانڪ شين جو فرانزڪ به ڪرايو پيو وڃي جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي.