لاهور (م ڊ) نيب راولپنڊي کنڊ اسڪينڊل خلاف هلندڙ جاچ ۾ شگر ملز ايسوسئيشن (پاسما) جي وائيس چيئرمين ۽ حديبيه پيپر ملز ۾ شريڪ جوابدار جاويد ڪياني کي طلب ڪري ورتو، 2017ع کان 2019ع تائين کنڊ جي سبسڊي لاءِ موڪيل سمري جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي اڳوڻو آفيسر خصر حيات 14 اپريل ۽ صنعت ۽ پيداوار جو اڪائونٽنٽ مزمل پاشا کي 13 اپريل تي طلب ڪيو ويو، پسما جي چيئرمين سڪندر پاشا کي به ٻيهر ايندڙ هفتي طلب ڪيو ويو آهي، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته سموريون شخصيتون جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿينديون، سوالنامو موڪليو ويو آهي.