ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار 7 بروڪرن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل ڪيس بابت اڳڀرائي رپورٽ عدالت جمع ڪرائي ڄاڻايو آهي ته ايف آءِ اي صوبي جي 27 شوگر ملز جي چيف فنانشل آفيسرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، پرڳڻي جون اڪثر ملون بااثر سياسي شخصيتن جي ملڪيت آهن، ايف آءِ اي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ايف آءِ اي ڊيلرز پاران کنڊ جي ڪيل خريداري بابت رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته شگر ملز مالڪن کان اڪائونٽس ۽ اسٽاڪ بابت تفصيل به گهريا آهن، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي اڪائونٽس جي استعمال بابت بينڪن کان به تفصيل طلب ڪياوياآهن، ايف آءِ اي رپورٽ موجب جوابدارن 27 شگر ملز مان کنڊ خريد ڪئي، اها کنڊ ملن کان ٻاهر نڪتي يا نه؟ ان حوالي سان به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي سنڌ جي ڪين ڪمشنر کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي 2019ع کان 2021ع تائين جي نوٽيفاءِ شگر ڪين پرائس جي لسٽ گهري آهي