اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کنڊ سٽي مافيا ۽ جي ڊي ڊبليو ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، 9 سرڪاري ۽ خانگي بينڪن، جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪيا آهن .ذريعن ٻڌايو ته ايف آءِ اي لاهور جي درخواست تي اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 4 آمريڪي ڊالرز ، 2 برطانوي پائونڊ ۽ 30 پاڪستاني ڪرنسي جا اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن. ذريعن ٻڌايو ته منجمد ڪيل اڪائونٽس ۾ علي ترين جا 21 ، جهانگير ترين جا 14 ۽ هڪ اڪائونٽ سندس زال آمنه ترين جو شامل آهي.