سن: سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ سڀا فورم طرفان سائين جي ايم سيد جي مزار تي انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي وارثن سميت حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي. سائين جي مزار تي قومپرستن جي گڏ نه ٿيڻ جي دانهن ڏني. ان موقعي تي انعام عباسي کنڀيل جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندي چيو ته هر طرف گهٻرائٽ، ناانصافي ۽ گهيراءُ آهي. سن ۾ جدوجهد جا اڻ ڳڻيا دڳ موجود آھن، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سگهاري آواز لاءِ گڏ ٿيڻ جي سخت ضرورت آھي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جا کنڀيل سمورا نوجوان آزاد ڪيا وڃن.