کپرو (ن پ ا) کپرو جسقم آريسر گروپ جو کنڀي گم ڪيل ڪارڪن دوست علي ڀٽي آزاد ٿي گهر پهچي ويو، خبرموجب جسقم آريسر گروپ جو ڪارڪن دوست علي ڀٽي آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي، ڪارڪن کي نامعلوم ماڻهو حيدرآباد ويجهو ڇڏي ويا، جتان هن وارثن کي اطلاع ڪيو، جيڪي رات دير سان کيس گهر وٺي آيا، دوست علي ڀٽي انتهائي ڪمزور هئڻ ڪري ڳالهائڻ کان به لاچار لڳي رهيو هو، واضح رهي ته جسقم آريسر گروپ جو سرگرم ڪارڪن دوست علي ڀٽي کي 4 مهينا اڳ پهرين جون تي حيدرآباد مان نامعلوم ماڻھن کنڀي گم ڪيو هو، سندس آزادي لاءِ سموري سنڌ ۾ احتجاج پڻ ٿيا هئا،