سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻيلو ميرپور گھوٽڪيءَ پوليس پاران شھري کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي، گرفتاري بعد گم ڄاڻايل شخص مٿان ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي گڊو ٿاڻي تي 9 ڪلو چرس رکڻ جو ڪيس داخل، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار، معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. تفصيل موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گھوٽڪي ضلعي جي ٻيلو ميرپور پوليس طرفان شھري مير خان بوزدار کي مبينا طور کڀني گم ڪرڻ خلاف سندس ڀاءُ ذوالفقار علي بوزدار طرفان داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران پوليس پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي ته ڄاڻايل شخص کي گڊو پوليس 9 ڪلو چرس ۾ گرفتار ڪيو آھي. ايڊووڪيٽ شبير علي بوزدار عدالت کي ٻڌايو گذريل ٻڌڻي دوران عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته کنڀي گم ڪيل شخص کي 30 مارچ تي پيش ڪيو وڃي پر پوليس چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ سندس گرفتاري ظاھر ڪئي آھي. وڪيل عدالت کي آگاھ ڪيو ته مير خان بوزدار جي ھلندڙ ھفتي قطر جي ويزا لڳل هئي، پوليس کيس ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪيو آھي. ان تي عدالت گڊو ۽ گھوٽڪي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڊي ايس پي غلام علي جماڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري معاميل جي ٽن ھفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.