ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ ۾ سنڌي نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي طرفان ھفتو اڳ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل نوجوان مسرور کوسو جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  محمد اسلم چانڊيو، شيراز چانڊيو، امداد سولنگي، ذوالفقار سولنگي، ارشد سنڌي ۽ ٻين چيو ته نوجوان  مسرور کوسو کي ڄامشورو مان بي گناهه ھفتو اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.