حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعلقي حيدرآباد جي ٽنڊوعالم مري جي ڳوٺ جمعون کوسو جي رهواسين هفتو اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان خادم کوسو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عابد حسين کوسو، دادن کوسو، رجب کوسو، راول کوسو ۽ ٻين چيو ته نوجوان خادم کوسو مزدوري سانگي گهر کان ٻاهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ويگو گاڏي ۽ ڪرولا ڪار ۾ سوار نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي کڻي ويا، جنهن جي لاڳاپيل ٿاڻن تي به ڳولا ڪئي آهي پر نوجوان جو ڪٿي به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.