ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، جيڪڏھن گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيا ته جاچ آفيسر ۽ آءِ جي سنڌ  خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت چيو ته اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪو به ذميوار هوندو انهن سڀني خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهجي ٿو، ان موقعي تي گم ٿيل نينگريءَ مريم جي والد عدالت کي ٻڌايو ته 11 سالن کان مريم کي ڳولي رھيا آھيون، ڌيءَ جي ڳولا دوران  28 لکن جو قرضي ٿي ويو آهيان، اسان کي انصاف آخر ڪير ڏيندو؟ مريم جي گم ٿيڻ کانپوءِ ڀنگ جا فون ايندا رهيا پر پوليس جاچ به نه ڪئي، عدالت ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن(اي وي سي سي) کي 13 فيبروري تي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.