کدڙن فقيرن ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

0
462

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) کدڙن فقيرن ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن، کدڙن فقيرن آدمشماري جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا، پنهنجي ڳڻپ پاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي

شهزادي راءِ جو چوڻ آهي ته آدمشماري جي عملي  گهٽ انگ اکر ڏيکاريا آهن، هاڻي پاڻ ڳڻپ ڪيون پيا، اسان وٽ رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 19هزار کدڙا فقير رجسٽرڊ ٿيل آهن

هن جو چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سڄي  سنڌ اندر کدڙن فقيرن جو انگ رڳو 3 هزار جي لڳ ڀڳ ڏيکاريو ويو

ٽيمون ٺاهي کدڙن فقيرن جي  پاڻ ڳڻپ ڪري رهيا آهيون، ڊسمبر تائين ڳڻپ مڪمل ٿيندي

کدڙا فقير به مڪاني نمائندا ٿيندا، ڪراچي ۾ شهزادي راءِ فارم جمع ڪرايو

ٻئي پاسي خواجا سرائن جي مخصوص سيٽن تي به فارم جمع ڪرايا ويا آهن، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ خواجه سرا جي مخصوص سيٽ تي شهزادي راءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي

شهزادي راءِ فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ چيو آهي ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو موقعو ملي رهيو آهي پ پ قيادت جي ٿورائتي آهيان

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو انگ 35 سيڪڙو گهٽجي ويو