ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) کدڙن فقيرن جي اڳواڻ شهزادي راءِ جي گهر ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ٽرانسجينڊر ايڪٽيوسٽ شهزادي راءِ شاهراهه فيصل ٿاڻي  داخل گهر ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش، جان کان مارڻ ۽ تيزاب اڇلائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪرايو آهي،شهزادي راءِ ڄاڻايو ته آئون جوھر موڙ واري علائقي ۾ رهان ٿي، 2 نامعلوم ماڻهن منهنجي گهر ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن هٿن ۾ تيزاب جون بوتلون هيون، اهي ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا ته شهزادي راءِ کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته جوابدارن دروازو کڙڪايو، گهر ۾ موجود منهنجي چيلي دروازو نه کوليو. هن چيو ته منهنجي چيلي جوابدارن جي وڊيو به ريڪارڊ ڪئي، هن چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي