راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي پوليس ٽن کدڙن فقيرن جي قتل ۾ ملوث سيريل ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب جوابدار علي حسين ٻن مهينن ۾ ٻن کدڙن فقيرن کي صادق آباد ۾ قتل ڪيو هو ۽ جوابدار ٻنهي کدڙن فقيرن کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار هلندڙ سال فيبروري ۾ کدڙي فقير ظهور عرف بيبو، اپريل ۾ سيف عرف ڪمڪو ۽ جنوري 2020 ۾ رحيم يار خان ۾ به هڪ کدڙي فقير کي قتل ڪري چڪو آهي.