کاهي (ن پ ا) کاهي لڳ ڳوٺ گوڙيلو واسي گمانو ڪولهي جي ڌيءَ 15 سالن جي غيرشادي شده ڌيءُ ڪمليءَ ڪولهي پير ترڪڻ سبب کپرو واهه ۾ ٻُڏي وئي. جنهن کي وارثن هڪ ڪلاڪ بعد ڳولا ڪري پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اتي مقاميءَ ڊاڪٽر پهچي ڇوڪريءَ جي تپاس بعد سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي. جڏھن ته ڇوڪري جي وارثن نينگريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد فوتيءَ نينگريءَ جي مڙهه کي تعلقي اسپتال کپرو منتقل ڪيو ويو. جنهن بعد وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.