اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت  ۾ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، اي سي سي ڦٽين جي في مڻ جي امدادي قيمت 8500 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي فوڊ سڪيورٽي وزارت کي ڦٽين جي اگھه جي جائزي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آھي، اي سي سي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي مدت 45 ڏينهن کان وڌائي 60 ڏينهن ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي ترڪي ۾ زلزلي متاثرن جي مدد  لاءِ 10 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني،ي جڏهن ته ايل اين جي امپورٽ لاءِ حڪومتي گارنٽي لاءِ 50 ارب روپيا منظور ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي