ڦل (ن پ ا) ڦل ۾ مين بس اسٽاپ تي موبائيل جي دڪان مالڪ وسيم ميمڻ کان ڏينھن ڏٺي 4 ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي لکين روپيا روڪ رقم ۽ ھزارين روپين جا موبائل فون ڦر ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن سبب شهر ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، ڦر واقعي جي خلاف شهرين شٽر بند هڙتال ڪري مولانا عبدالسلام ڦل، عطاءُ الله ميمڻ، ماجد ميمڻ، اسد الله ڦل، وسيم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نوشهرو فيروز روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج ڪندڙ شهرين چيو ته شهر مان سرعام ڦر جا واقعا ٿي رهيا آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي، ان موقعي تي ايس ايچ او محبوب چاچڙ ۽ ايس ايچ او منعيم لاڙڪ ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، پوليس موجب ڦورن جو پيڇو ڪري انهن تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿيو آهي، جنهن کي ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آهن.