ڦل (ن پ ا) ڦل ۾ مدرسي ويندڙ معصوم ٻالڪ اغوا، پاڙيوارن جي پهچڻ تي جوابدار ٻار کي ڦٽو ڪري فرار، شهر ۾ خوف هراس، تفصيل موجب شھر جي سومرا محلي واسي 5 سالن جي ٻالڪ حيدر ولد عبدالڪبير سومرو کي شاھي بازار واري جامع مسجد مدرسي ويندي نامعلوم جوابدار اغوا ڪري ورتو، جوابدار ٻالڪ کي کڻي وڃي رھيو ھو ته ٻالڪ رڙيون ڪيون، جنهن تي پاڙي وارا پهچي ويا، جن ٻالڪ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، جڏھن ته اغوا ڪار فرار ٿي ويو، واقعي سبب شھر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ياد رھي ته ھڪ ھفتو اڳ به غريب آباد محلي مان عيسن سومرو جي پٽ محمد حسيب سومرو کي نامعلوم شخص اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنھن کي پاڙي جي عورت بچائي ورتو ھو، ھڪ ھفتي اندر ٻئي واردات ٿيڻ باوجود ڦل پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.