ڦل (ن پ ا) ڦل شهر ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو شهرين خدا ڏنو، نعيم،علي اڪبر، راشد ۽ ٻين ٻڌايو ته سڄي شهر سميت يونين ڪائونسل ڦل آفيس واري گهٽي ۾ هر وقت ڪتا ويٺل رهن ٿا جنهن ڪري اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارن کي گذرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، هنن چيو ته ڪيترائي دفعا ڪتن معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهيو به آهي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر يوسي انتظاميا ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.